ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان

ٿر ۾ ڳائجندڙ سنڌي داستان (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ليکڪا، ڪشني ڦلواڻي کيماڻيءَ جي پي. ايڇ. ڊيءَ جي ٿيسز جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ٿر جي نوجوان اديب نور احمد جهنجيءَ پنهنجي والد جي تحريص ۽ رهنمائيءَ سان ڪيو آهي. ڪشني ڦلواڻيءَ جوڌپور يونيورسٽيءَ مان ان تحقيقي موضوع لاءِ منظوري ورتي، جنهن ۾ راجسٿاني سنڌيءَ کي به شامل ڪيو ويو. ڪتابي صورت ۾ ڇپيل ان ٿيسز ۾ ڏهه باب شامل آهن، جن ۾ راجسٿان ۾ داستانن ڳائڻ جي ورثي کان وٺي سنڌ جي ٿرپارڪر واري ثقافتي ورثي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن داستانن ۾ شاهه جي سورمين ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪهاڻين کي به بيان ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ انهن داستانن جي سماجي لاڳاپي ۽ انهن کي ڳائيندڙ لوڪ فنڪارن کان سواءِ ٿر جي فنڪاراڻي ڏات جي حال ۽ مستقبل تي روشني وڌل آهي. 191 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ’ٿرديپ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام‘ مٺيءَ جي تعاون سان 2007ع ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهورت ”سنڌي اڪيڊمي دهليءَ“ ڪرايو هو، جنهن ۾ سنڌ مان ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ مترجم نور احمد جنجهيءَ به شرڪت ڪئي هئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو